فيصل ??باد – 06 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته ڪووڊ – 19 جي ڪري عالمي سطح تي پيداوار ۾ گهٽتائي جي ڪري سڄي دنيا ۾ ضروري شين جي قيمتن ۾ 40 سيڪڙو اضافو ٿيو ۽ اسان کاڄرو تيل، دالي??ن ۽ ڪيتريون ئي ٻيون زندگي جي ضرورت جون غذائي شيون درآمد ڪندا آهيون تنهن ڪري ان جو اثر پ??ڪستان ۾ به قيمتن تي پوندو آهي پر ان جي باوجود حڪومت عوام کي مهانگائي کان بچائڻ لاءِ سمورا ممڪن قدم کڻي رهي آهي، جڏهن ته ان جي ابتڙ مخالف ڌر ماڻهن ۾ مايوسي پکيڙي رهي آهي، ان کي گهرجي ته هو ماڻهن کي اصل ??قيقتن کان آگاهه ڪري پر (ن) ليگ ۽ پ پ پ جي ايجنڊا عوام ۾ ڪوڙ پکيڙي پنهنجي ڪرپشن تان ڌيان ??ٽائڻ آهي، هن چيو ته اسان ??ئين مالي سال جي بجيٽ ۾ سرڪاري ملازمن تي ڪو به نئون ٽيڪس نه لڳائينداسين، انهن جون پگهارون وڌايون وينديون، ان کانسواءِ اڳوڻن حڪمرانن ذاتي فائدي لاءِ آءِ پي پيز سان ??هانگي بجلي جا معاهدا ۽ ملڪي ۽ غير ملڪي انويسٽرز کي ڊالرز ۾ ادائيگيون ڪيون پر بجلي جي پهچ واري نظام کي بهتر نه بڻايو پر هاڻي وزيراعظم عمران خان جي ويزن تحت ملڪي معيشت مثبت انداز ۾ اڳتي وڌي رهي آهي جنهن سان عوام کي جلد رليف ملندو. سرڪٽ هائوس فيصل ??باد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته گڏيل قومن جا بي شمار ذيلي ادارا آهن جنهن جون رپورٽون خصوصي اهميت رکن ٿي??ن ۽ ان جا فوڊ سيڪيورٽي بابت ادارا فوڊ اينڊ ايگري ڪلچر آرگنائزيشن گذريل ڏينهن جاري ڪيل پنهنجي رپورٽ جيڪا سڄي دنيا ۾ سمورين وڏين وڏين اخبارن ۾ وڏين سرخين سان شايع ٿي آهي ۾ ٻڌايو ويو ته ڪووڊ – 19 جي ڪري مئي 2021ع ۾ سڄي دنيا ۾ کاڌي پيتي جي شين جي قيمتن ۾ 40 سيڪڙو، ڊيري ۾ 28 سيڪڙو، گوشت ۾10 سيڪڙو، کنڊ ۾ 57 سيڪرڙو پر پ??ڪستاني فوڊ ڪنزيومر پ??ائيس انڊيڪس ۾ 9 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي جنهن جي پيداوار ۾ گهٽتائي ۽ گهرج ۾ اضافو آهي ڇو ته ڪووڊ – 19 جي ڪري پيداواري سرگرميون بري طرح متاثر ٿيون آهن جنهن جي ڪري عالمي سطح تي ضروري شين جا اگهه وڌيا آهن، هن چيو ته پاڪستان ??لڪي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ وڏي مقدار ۾ کاڄرو تيل، دالي??ن ۽ ٻيون شيون درآمد ڪندو آهي ان ??اءِ جڏهن عالمي مارڪيٽ ۾ قيمتون وڌنديون ته ان جو اثر پ??ڪستان تي به پوندو پر پوءِ به اسان گهٽ کان گهٽ بار صارفين تي وڌو،