اسلام آباد – 17 – جنوري (اي پي پي) ڪشمير بابت پارلياماني ڪميٽي جي چيئرمين شهريار آفريدي چيو آهي ته هڪ ڀيرو ٻيهر اهو ثابت ٿي ويو ته پلواما حملو پاڪستان جي خلاف ڀارتي س??زش هئي. هڪ بيان ۾ شهريار آفريدي چيو ته پلواما حملي جو مقصد پاڪستاني ۽ ڪشميري حريت ڪارڪنن ۽ آزادي پسندن تي ان حملي جو الزام هڻڻ هو، ڀارتي انٽيليجنس جي پاڪستان مخالف ايجنڊائن تي ڪارروائي بي ??قا?? ٿي وئي، ڊس انفو ليب رپو??ٽ کانپوءِ هاڻي ارناب گيٽ به ڀارتي انٽيليجنس جو ڪڌو چهرو بي ??قا?? ڪري ڇڏيو.