اسلام آباد – 20 ̵1; ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان عالمي برادري تي واضح ڪيو آهي ته جيڪڏ??ن ڀارت پاران پاڪستان جي خلاف جعلي فليگ آپريشن جي بيوقوفي ڪئي وئي ته ان جو هر سطح تي ڀرپور جواب ڏنو ويندو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ڀارت پاران 2020ع ۾ لائن آف ڪنٽرول ۽ ورڪنگ بائونڊري تي سيز فائر جون ٽي هزار خلاف ورزيون ڪيون ويون آهن، هروڀرو ۽ ڄ??ڻي و??ڻي شهرين کي نشا??و بڻائڻ جي نتيجي ۾ 276 ماڻهو مارجي چڪا آهن، جنهن مان 92 عورتون ۽ 68 ٻار شامل آهن، وزيراعظم عمران خان چيو ته گڏيل قومن جي پاڪستان ۽ انڊيا بابت فوجي مبصر گروپ جي گاڏي کي ڄ??ڻي و??ڻي نشا??و بڻائڻ عالمي قانونن جي خلاف ورزي آهي، ان گاڏي تي گڏيل قومن جو واضح نشان ۽ نيرو جهنڊو ڦڙڪي رهيو هو، ڀ??رت جو اهو قدم ڪنهن به ذميدار رياست جي قدرن، عالمي ۽ گڏيل قومن جي قانونن کان منهن موڙڻ جي برابر آهي.