پشاور – 28 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته صوبن طرفان اين ايف سي ايوارڊ ۾ ٽي سيڪڙو قبائلي ضلعن لاءِ مختص ڪرڻ جو واعدو ڪيو هو پر هاڻي بدقسمتي سان ان واعدي تان ڦري ويا آهن جيڪا قبائلي ضلعن سان زيادتي آهي. ضلعي مهمند ۾ ناحقئي سرنگ ۽ شيخ زيد ر??ڊ جي افتتاح جي موقعي تي ضلعي جي چڱن مڙسن کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته اسان جي حڪومت جو نظريو مديني جي رياست ??هي، جيتوڻيڪ يتمن، غريبن، بيواهن ۽ ڪمزورن جي بهتري مديني جي رياست ??ي طرز جي رياست ??ي اولين ذميدا??ي هوندي آهي تنهن ڪري ان ذميداري جي تڪميل لاءِ سمورا دستياب وسيلا استعمال ۾ آڻڻ کي ترجي?? ڏني پئي وڃي. هن چيو ته اسان جي سمورين پاليسين جو محور ڪمزور طبقن جي بحالي آهي تنهن هوندي به ان سان گڏوگڏ اسان جي نظريي جو هڪ نڪتو اهو به آهي ته خوشحالي جي سفر ۾ سمورن علائقن کي هڪجهڙي ترقي ڏيڻ گهرجي.