اسلام آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي 74 هين آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي قوم جي نالي پنهنجي پيغام ۾ آزادي جي ڏهاڙي جي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته هي ڏينهن اسان کي قائداعظم محمد علي جناح جي ڪرشماتي قيادت ۾ پنهنجي بزرگن جي لازوال قربانين جي ياد ڏياري ٿو. هي ڏينهن اسان کي موقعو فراهم ڪري ٿو ته ??سان پاڪستان جي بانين جي نظرين تي عملدرآمد جي عزم کي ورجايون ۽ تحريڪ پاڪستان جي تاريخي جدوجهد ۾ شامل سمورن ورڪرز کي خراج تح??ين پيش ڪريون. صدر چيو ته ماضي جي ابتڙ آزادي جو ڏهاڙو هڪ مشڪل وقت ۾ ملهايو پيو وڃي ڇو ته پوري دنيا ڪوورنا وائرس کان متاثر ٿي آهي جنهن جا منفي اثر معيشت، صحت ۽ تعليم ??ميت سمورن شعبن تي پيا آهن. هن چيو ته وبا ??ان ڪيترائي مسئلا پيدا ٿيا آهن پر اسان ڏسون ٿا ته ??سان جي قوم ان وبا ??ي سمارٽ لاڪ ڊائون جي شاندار حڪمت عملي تحت ضابطو آڻي ورتو آهي. هن چيو ته ??سان جي لاءِ ضروري آهي ته ??سان احتياطي تدبيرن تي عمل جاري رکون. صدر چيو ته ماضي ۾ به اسان آڪٽوبر 2005ع جي زلزلي ۽ 2010ع جي سخت ٻوڏن جي مسئلن ڏنو آهي. هن چيو ته ??ڄ هن خوشي جي موقعي تي سمورن پاڪستانين جي ڪوششن کي داد ڏيان ٿو جن قدرتي آفتن جي متاثرين جي مدد جي لاءِ ڀرپور يڪجهتي جو مظاهرو ڪيو. آزادي جي ڏهاڙي جي تاريخي ڏينهن تي آئون پنهنجي ڊاڪٽرن، نرسن، صحت جي شعبي جي ڪارڪنن کي خراج تح??ين پيش ڪريان ٿو جن پنهنجي ڪورونا وبا ??وران پنهنجي زندگين کي خطري ۾ وجهي ماڻهن جون زندگيون بچايون آهن. وڌيڪ اهو ته ??ئون ميڊيا، عالم سڳورن، اين ڊي ايم ??ي، اين سي او سي، صوبائي حڪومتن ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پاران آگاهي فراهم ڪرڻ ۽ ڪوويڊ 19 بابت ايس او پيز تي عملدرآمد جي ڪردار کي تسليم ڪريان ٿو. هن چيو ته ??حساس پروگرام مان واضح ٿئي ٿو ته ??ڏهن معاشري جي سمورن طبقن جي سهولت ۽ تحفظ جي لاءِ قدم کنيا وڃن ته ??وام متحد ٿئي ٿي.