اسلام آباد – 03 آگسٽ (اي پي پي) سريلنڪا ۾ مقرر پاڪستان جي وقتي هاءِ ڪمشنر تنوير ا??مد چيو آهي ته ڀارت جي 5 آگسٽ جي غيرقانوني قدم والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ مزاحمت جو نئون ٻج ڇٽي ڇڏيو آهي. والاريل ڪشمير ۾ ڀا??تي فوجي گهيراءُ جو هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي ڪولمبو ۾ منعقد هڪ تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته مودي ج?? قيادت ۾ ڀا??تي حڪومت ملڪي آئين جي آرٽيڪل 370 ۽ 35 اي کي ختم ڪري گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جي خلاف ورزي ڪئي آهي. وقتي هاءِ ڪمشنر چيو ته ڀا??تي حڪومت والاريل ڪشمير ۾ هزارين اضافي فوجين کي مقرر ڪيو آهي، زندگي ج?? ضرورتن تائين پهچ روڪڻ جي لاءِ پابنديون هنيون، سياسي اڳواڻن کي گرفتار ڪيو، هر قسم جي مواصلات جي بندشن جي نتيجي ۾ سڀ کان وڏو انساني بحران درپيش آهي.