لاهور – 29 جولاءِ (اي پي پي) پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار سان اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ملاقات ڪئ?? جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن، سياسي صورتحال ۽ ميڊيا حڪمت عملي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ عوام کي رليف ڏيڻ جا قدم ۽ عوامي ڀلائي جا منصوبا پڻ غور ه??ٺ آيا. پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار حڪومتي ڪارڪرد??ي جي حوالي سان قدمن کي ??رپور طريقي سان اجاگر ڪندي چيو ته حڪومت جي 2 سالن جي ڪارڪردگي ماضي جي 30 سالن جي دور کان تمام گهڻي بهتر آهي، حڪومتي قدمن کي بهتر انداز ۾ عوام آڏو آڻڻ جي لاءِ ميڊيا جو ڪردار اهميت رکندڙ آهي. هن چيو ته ميڊيا جي تعميري تنقيد سان رهنمائي ملي ٿي. ڪرپ?? عنصرن جو بنا ڪنهن فرق جي احتساب پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جو ضامن آهي، قومي وسيلن جي غلط استعمال جي اڳوڻي روايت کي ختم ڪري ڇڏيو آهي.