اسلام آباد – 25 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ 2020ع کي ملڪ جي تعمير ۽ ترقي، معاشي استحڪام ۽ رليف جو سال قرار ڏيندي چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان 23 سال مسلسل جدوجهد کانپوءِ پاڪستان کي استحڪام پاڪستان جي سفر تي گامزن ڪري ڇڏيو آهي، هو روايتي سياستدان نه پر هڪ مقبول اڳواڻ آهي جيڪو ذاتي فائدي بدران ق??مي مفاد کي ترجيح ڏيندي عوام جي خوشحالي ۽ آئنده نسلن جو سوچي ٿو، 2020ع وزيراعظم جي قيادت ۾ معاشي استحڪام سان حاصل ٿيندڙ ثمر عوام تائين پهچائڻ جو سال هوندو، دنيا جي سامهون ملڪ جو مثبت تشخص ۽ روشن چهرو اجاگر ڪرڻ ۽ ق??مي بياني جي فروغ ۾ ق??مي خابرو ادارو ”اي پي پي“ اهم ڪردار رکندڙ آهي، عمران خان جي ويزن مو??ب اي پي پي کي اهڙو ادارو بڻائينداسين جو سڄي دنيا جا خابرو ادارا ان کي رول ماڊل قرار ڏئي ان جي تقليد ڪندا. هو نيشنل لائبريري ۾ ق??مي خابرو اداري ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) جي ايوارڊ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪري رهي هئي.