اسلام آباد – 19 ڊسمبر (اي پي پي) وفاقي حڪومت اڳوڻي صدر جنرل (ر) پرويز مشرف جي خلاف تفصيلي فيصلي ۾ موت جي صورت ۾ کيس ٽن ڏينهن تائين عوامي جاءِ تي لٽڪائڻ جي پيرا کي ملڪي ۽ شرعي قانونن ۽ عالمي انساني قانونن جي خلاف قرار ڏيندي خ??ص عدالت جو فيصلو لکندڙ جج جسٽس سيٺ وقار جي خلاف سپريم جڊيشل ڪائونسل ۾ ريفرنس داخل ڪرڻ ۽ جنرل (ر) پرويز مشرف کي ڏنل سزا جي خلاف اپيل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، حڪومت طرفان ا??ليٰ عدليه کي درخواست ڪئي وئي آهي ته ڄاڻايل جج کي فوري طور تي ڪم کان روڪيو وڃي، ان اهم معاملي تي وفاقي حڪومت کي شديد خدشا آهن، پيرا 66 تي ٻن ججن ا??تلاف ته ڪيو پوءِ اتفاق ر??ءِ ڪٿي هو؟ پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ ۾ پريس ڪانفرنس کي خ??اب ڪندي قانون واري وفاقي وزير فروغ نسيم، وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ??اڪ??ر فردوس عاشق اعواڻ ۽ وزيراعظم جو احتساب بابت خاص مددگار شهزاد اڪبر گڏيل پريس ڪانفرنس کي خ??اب ڪري رهيا هئا.