اسلام آباد – 09 8211; آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اتر وزيرسان ۾ پاڪ فو?? جي قافلي تي خودڪش حملي جي مذمت ڪندي پاڪ فو?? جي چار بهادر جوانن جي شهادت تي دلي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيو ته اهڙا بزدلا??ا حملا ملڪ کي دهشتگردي جي لعنت مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ جي اسان جي عزم کي ڪمزور نه ٿا ڪري سگهن. هن محرم الحرام جي مقدس مهيني ۾ ملڪ جو دفاع ڪندي پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪرڻ تي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر شهيدن جي گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪيو.