اسلام آباد – 05 – جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي نوجوانن کي جديد تعليم سان آراسته ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏي??دي چيو آهي ته ??ڪ مڪمل انسان جي ??اءِ تعليم سان گڏ تربيت به ضروري آهي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار غلام اسحاق خان انسٽيٽيوٽ جي 26 هين ڪانووڪيشن کي خطاب ڪ??دي ڪيو. هن چيو ته ??ونيورسٽيون ۽ معاشرو اخلاقيات ۽ قدرن تي خاص ڌيان ڏي، اسان کي پنهنجي تعليمي نظام کي بهتر کان بهتر بڻائڻ تي پنهنجو ڌيان ڏيڻو پوندو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته زماني ۾ تيزي سان رونما ٿيندڙ تبديلين کي سمجهڻو پوندو، ٽيڪنالاجي جي ??دد سان علم تائين پهچ وڌي چڪي آهي. هن چيو ته انسان جي تجزيه ڪاري ۽ فيصلاسازي جون صلاحيتون بنيادي اهميت اختيار ڪري ويون آهن. قدرتي وسيلن جي ڀيٽ ۾ انساني ۽ فڪري وسيلن جي اهميت وڌي وئي ??هي. صدر چيو ته ??وجوده دور ۾ علم ترقي جو واحد رستو آهي، پاڪستان کي هنرمند ۽ تربيت يافته انساني وسيلن جي ضرورت آهي، يونيورسٽيون معياري انساني وسيلن جو وڌيڪ انگ پيدا ڪن. صدر چيو ته انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ پاڪستان ساليانو اٽڪل 30 هزار شاگرد پيدا ڪري ٿو، هنرمند نوجوان آن لائين خدمتن جي ??دد سان روزگار ڪمائي ??هيا آهن. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ??اڪستان کي اخلاقيات جي ??حاظ کان برتري حاصل آهي. پاڪستان 40 سالن تائين 40 لک افغان پناهگيرن کي پناهه ڏني، پاڪستان ۾ زلزلي ۽ ٻوڏ جي صورتحال ۾ عوام وڌي چڙهي فلاحي ڪمن ۾ حصو وجهي ٿي. صدر چيو ته ??يادت پاران صحيح فيصلاسازي جي ضرورت آهي، فيڪ نيوز ۽ غيبت جي حوصلا شڪني ڪرڻ گهرجي. سر سيد احمد خان، علامه اقبال ۽ قائداعظم اسان کي هڪ قوم جي حيثيت سان مٿي اٿاريو. صدر چيو ته ??اڪستان جي ترقي لاءِ جمهوريت، واپار ۽ جذبي جي ضرورت آهي. هن چيو ته شاگردن تي معاشري جي ترقي ۽ ڀلائي ??ي خصوصي ذميواري لاڳو ٿئي ٿي.