اسلام آباد – 04 – مئي (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر را??ا پرويز اشرف ۽ ڊپٽي اسپيڪ?? زاهد اڪرم دراني چيو آهي ته اڳوڻي حڪومت آئين ٽوڙيو، پارليامينٽ کان وڌيڪ ايوان ??در کي اهميت ڏني، عوامي اهميت ??کندڙ سمورن ايشوز تي پارليامينٽ ۾ بحث ڪرايو ويندو. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي ميڊيا ونگ پاران ??اري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار قومي اسيمبلي جي اسپيڪر را??ا پرويز اشرف ۽ ڊپٽي اسپيڪ?? زاهد اڪرم دراني ٽيليفونڪ را??طي تي خيالن جي ڏي وٺ دوران ڪيو. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر را??ا پرويز اشرف ۽ ڊپٽي اسپيڪ?? زاهد اڪرم دراني هڪ ٻئي کي عيد جي مبارڪباد ڏني. ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته عيد جي خوشين ۾ اسان کي مستحق ماڻهن جو خاص خ??ال رکڻ گهرجي. بيان موجب ٻنهي اڳواڻن اتفاق ڪيو ته الله تعاليٰ اسان کي موقعو ڏنو آهي ملڪ ۽ قوم جي ترقي لاءِ پارليامينٽ جو وقار بلند ڪرڻو آهي، اڳوڻن حڪمرانن آئين ٽوڙيو، پارليامينٽ کان وڌيڪ ايوان ??در کي اهميت ڏني. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته عوامي اهميت ??کندڙ سمورن ايشوز تي پارليامينٽ ۾ بحث ڪرايو ويندو. ڊپٽي اسپيڪر چيو ته عوام جو پارليامينٽ تي اعتماد بحال ڪرڻ اسان ??ي اولين ترجيح آهي.