اسلام آباد – 28 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري و??اقي وزير مريم اورنگزيب چي?? آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جو سعودي عرب جو دورو عرب مثالي دوستي جو هڪ نئون تاريخي باب کوليندو، چئن سالن جي گهٻراهٽ واري دور کانپوءِ پاڪستان جي دوستن جي محفل وري آباد ٿيڻ وڃي رهي آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چي?? ته پاڪستان جي محسن ۽ سعودي عرب جي و??د عهد شهزاده محمد بن سلمان جي خصوصي دعوت تي وزيراعظم شهباز شريف اڄ خميس تي حجاز مقدس روانو ٿي رهيو آهي ۽ مدينه منوره پهچندو، هن چي?? ته 28 کان 30 اپريل جو اهو دورو وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ محمد شهباز شريف جو پهريون غير ملڪي دورو آهي جيڪي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڀائراڻي، پرجوش ۽ گڏيل اعتماد تي ٻڌل تاريخي لاڳاپن جي تجديد جو مظهر آهي ۽ مثالي دوستي جو هڪ نئون تاريخي باب کوليندو. هن چي?? ته چئن سالن جي گهٻراه?? جي دور کانپوءِ پاڪستان جي دوستن جي محفل وري آباد ٿيڻ وڃي رهي آهي، استحڪام، ترقي ۽ خوشحالي جي منزل جو ٻيهر آغاز مبارڪ هجي، عمره جي سعادت ۽ روضه رسول پاڪ ﷺ تي درود پڙهڻ جون برڪتون اسان سان گڏ هونديون، سعودي عرب پاڪستان دوستي هميشه زنده باد.