اسلام آباد – 23 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مخالف ڌر پنهنجا سمورا ڪارڊ ظاهر ڪري ڇڏيا آهن، ان کي جل?? تمام وڏو سرپرائز ڏيڻ وارو آهيان، 27 مارچ جو جل??و تاريخي هوندو، ڪنهن به صورت ۾ استعيفيٰ نه ڏيندس، ??ي اعتمادي واري مئچ ا??ان کٽينداسين، مضبوط فوج ملڪ جي ضرورت آهي، سياست جي لاءِ فوج کي بدنام نه ڪيو وڃي. صحافين ??ان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته جيڪڏهن پاڪستاني فوج نه هجي ته ملڪ 3 حصن ۾ ورهائجي وڃي، پاڪ فوج ملڪ جو سڀ کان قيمتي اثاثو آهي، فوج کي غلط تنقيد جو نشانو بڻايو وڃي ٿو، مضبوط فوج ملڪ جي ضرورت آهي، سياست جي لاءِ فوج کي بدنام نه ڪيو وڃي. هن چيو ته فضل الرحمان سياست جو 12 هون رانديگر آهي، فضل الرحمان جو هاڻي ٽيم کان ٻاهر ٿيڻ جو وقت ٿي ويو آهي. هن چيو ته (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي جي سياست چوري ۽ چوري لڪائڻ آهي، اها ڪنهن جي غلط فهمي ٿي سگهي ٿي ته آئُون گهر ويهي رهندس، ڪنهن به صورت ۾ استعيفيٰ نه ڏيندس، ??ا چورن جي دٻاءُ تي استعيفيٰ ڏئي ڇڏيان. هن چيو ته چوڌري نثار ??ان ملاقات ٿي آهي، ان ??ان 40 سال پراڻو تعلق آهي. وزيراعظم چيو ته ويڙهه کان اڳ هٿ کڻي ڇڏيان، ??ي اعتمادي واري مئچ ا??ان کٽينداسين، مخالف ڌر پنهنجا سمورا ڪارڊ شو ڪري ڇڏيا، مخالف ڌر کي تمام وڏو سرپرائز ڏيڻ وارو آهيان، انهن کي پاڻ خبر نه آهي ته انهن ??ان انهن جا ڪيترا ماڻهو رهجي ويندا. هن چيو ته 27 مارچ جو جسلو تاريخي هوندو.