اسلام آباد – 16 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته مخالف ڌر جي نمبرن جي حوالي سان ڪيل دعويٰ حقيقت تي ٻڌل نه آهي. ملڪي سياسي صورتحال جي حوالي سان هڪ بيان ۾ پرڏيهي وزير چيو ته جيڪ??هن مخالف ڌر جي دعويٰ حقيقي هجي ها ته کيس ايتري جدوجهد ڪرڻ جي ضرورت پيش نه اچي ها، شاهه محمود قريشي چيو ته اسان جو اتحادين سان ساڍا ٽن سالن جو تعلق ۽ رابطو آهي، اسان سان ملڪ کي سنوارڻ لاءِ گڏيل ڪوششن ۾ شامل رهيا آهن. اتحادين سان اسان جي رابطن ?? هڪ تسلسل آهي ج??هن ته مخالف ڌر ان جي رستي ۾ رڪاوٽون بيهاريندي رهندي آهي، ج??هن ويڇا وڌيڪ هجن ته زور به وڌيڪ لڳائڻو پوندو آهي. هن چيو ته اڄ جيڪ??هن نون ليگ، ق ليگ کي آڇون ڪري رهي آهي ته ڇا ق ليگ جا دوست نٿا ڄاڻن ته 2018 جي اليڪشنز ۾ هنن ق ليگ جي رستي ۾ ڪيتريُون مشڪلاتون پيدا ڪيُون هُيون، ڇا ايم ڪيو ايم جا ماڻهو نٿا ڄاڻن ته پيپلزپارٽي سنڌ ۾ انهن سان ڪه??و سلوڪ ڪيو؟ پيپلزپارٽي پاران آندل بلدياتي قانون جي خلاف اهي سراپا احتجاج هئا ۽ اسان انهن سان رابطي ۾ هئاسين ته ڇا اهو سلوڪ کين ياد نه هوندو؟ ڇا اهي نٿا ڄاڻن ته پيپلزپارٽي گذريل 15 سالا اقتدار ۾ حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ انهن جي ووٽرز سان ڪه??و سلوڪ ڪيو؟ شاهه محمود قريشي چيو ته وقتي ملاقاتن جي بنياد تي صورتحال جو درست تجزيو نٿو ڪري سگهجي، ج??هن اسان صورتحال ک?? تسلسل جي زاويي سان ڏسون ٿا ته اطمينان ٿيندو آهي.