اسلام آباد – 24 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ??مريڪا سان مختلف شعبن خاص طور تي و??پار ۽ معيشت جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ چاهي ٿو، ملڪ جي آءِ ٽي سيڪٽر ۾ تمام گهڻي صلاحيت آهي ۽ پرڏيهي سيڙپڪارن کي ملڪ جي سيڙپڪاري جي لاءِ سازگار ماحول مان فائدو کڻڻ ۽ پاڪستان ??ي آءِ ٽي سيڪٽر ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر اها ڳالهه آمريڪا ۾ پاڪستان ??ي نامزد سفير سردار مسعود خان ??ان ملاقات دوران چئي جنهن ايوان ??در ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. نامزد سفير سان ڳالهائيندي صدر چيو ته حڪومت جيو اڪنامڪس تي ڌيان ڏئي رهي آهي ۽ ٻطرفي و??پار ۽ آمريڪا سان ??ڌوسنئون پرڏيهي سيڙپڪاري کي وڌائڻ جي لاءِ تعاون جي وڌيڪ شعبن کي ڳولڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته آمريڪا ۾ رهندڙ پاڪستاني ملڪي معيشت جي مختلف شعبن خاص طور تي آءِ ٽي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري کانسواءِ ٻطرفن اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي وڌائڻ جي لاءِ هڪ پل جو ڪم ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿا. صدر سفير کي چيو ته هو ڀارت جي اصل چهري کي بي نقاب ڪري جيڪو ڀارتي غيرقانوني طور تي و??لاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن جي خلاف انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين ۾ ملوث آهي. صدر نامزد سفير کي آمريڪا ۾ پاڪستان ??ي سفير طور مقرري تي مبارڪباد ڏني ۽ ان ??ميد جو اظهار ڪيو ته هو آمريڪا سان ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري.