اسلام آباد – 05 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن ۽ سلامتي جي ل??ءِ ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي حل جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته بامعنيٰ ۽ نتيجاخيز رابطا قائم ڪر?? جي ل??ءِ سازگار ماحول جوڙڻ جي ذميواري ڀ??رت تي ل??ڳو ٿئي ٿي، گڏيل قومون ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار تي پنهنجي قراردادن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائي. پرڏيهي وزير ڪشمير سان يڪجهتي جي ڏهاڙي جي موقعي تي گڏيل قومن ??ي سلامتي ڪائونسل جي صدر ۽ گڏيل قومن ??ي سيڪريٽري جنرل کي خط لکيو آهي جنهن ۾ هن غيرقانوني طور تي ڀ??رت جي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ خراب ٿيندڙ انساني صورتحال ۽ خطي جي امن ۽ سلامتي بابت مستقل خطرن کان آگاهه ڪيو ويو آهي. پنهنجي خط ۾ پرڏيهي وزير زور ڏنو ته 5 آگسٽ 2019ع جي غيرقانوني ۽ هڪطرفي ڀ??رتي قدمن، جن ۾ قبضي هيٺ خطي ۾ آبادي جو تناسب تبديل ڪر?? جي ڪوشش به شامل آهي، عالمي قانونن، گڏيل قومن ??ي منشور ۽ چوٿين جنيوا ڪنوينشن سميت گڏيل قومن ??ي سلامتي ڪائونسل جي ل??ڳاپيل قراردادن جي کليل خلاف ورزي آهي. پرڏيهي وزير غيرقانوني طور تي ڀ??رت جي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ وسيع پئماني تي انساني حقن جي سنگين ۽ منظم خلاف ورزين، عدالت کان مٿانهين ۽ جعلي مقابلن ۾ شهادتن جي تازي لهر کي اجاگر ڪيو. خط ۾ نشاندهي ڪئي وئي ته ڀارت پاران گڏيل قومن ??ي انساني حقن بابت هاءِ ڪمشنر جي آفيس (او – ايڇ – سي – ايڇ – آر) کي غيرقانوني طور تي ڀ??رت جي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ آزاداڻي جاچ جي ل??ءِ پهچ ڏيڻ کان انڪار قابض ۽ جابر حڪومتن جي پنهنجي ڏوهن کي لڪائڻ ۽ جوابدهي ک??ن بچڻ جهڙو روايتي حربو آهي. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي آر ايس ايس، بي جي پي جي قيادت پاران پاڪستان جي خلاف جنگي جنون کي تيز ڪر?? ۽ قومي جارحيت جي ڌمڪين جو حوالو ڏيندي داخلي سطح تي سياسي حمايت حاصل ڪر?? جي ل??ءِ فالس فليگ آپريشنز جو ڊرامو رچائڻ جي ماضي جي ڀ??رتي طرزعمل کي بيان ڪيو.