اسلام آباد – 17 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين سينئ?? اداڪار رشيد خان جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي ??يو آهي ته رشيد خان بي شمار فلمن ۽ ڊرامن ۾ اداڪاري ج?? جوهر ڏيکاريا، هن پشتو، هندڪو ۽ اردو زبان جي پي ٽي وي ڊرامن ۾ شاندا?? اداڪاري سان ماڻهن جون دليون کٽيون. پن??نج?? بيان ۾ چوڌري فواد حسين چيو ته رشيد خان اداڪاري ۾ منفرد مقام رکندو هو، ان جا ڊراما اڄ به مشهور آهن، ان جي لاڏاڻي سان شوبز انڊسٽري ۾ پيدا ٿيندڙ خلا ڪڏهن ب?? پُر نه ٿيندو، هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم رشيد خان کي پن??نج?? جوار رحمت ۾ اعليٰ مقام ۽ پوئينرن کي صبر ۽ جميل عطا فرمائي.