اسلام آباد – 18 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريا?? واري وفاقي وزير چوڌري ف??اد حسين چيو آهي ته رياست جي رٽ قائم ڪرڻ کانسواءِ انتهاپسندي مان ڇوٽڪارو ممڪن نه آهي، موقف پيش ڪرڻ هر هڪ جو حق آهي جڏهن ته ان کي زبردستي مڙهڻ صحيح نه آهي، اسان شدت پسندي سان دنيا کي تباهه ٿيندي ڏٺو آهي، شدت پسندي هن وقت ٻيو وڏو مسئلو آهي، اسان کي ڀارت کان ڪو خطرو نه آهي، اسان جي ف??ج دنيا جي ڇهين وڏي ف??ج ۽ اسان ائٽمي طاقت آهيون، ڀارت اسان جو مقابلو نه ٿو ڪري سگهي، اسلام اعتدال ۽ امن جو درس ڏي ٿو، جيڪو شخص سيرت النبي ﷺ کي سمجهي ٿو اهو ڪيئن شدت پسند ٿي سگهي ٿو?? اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف پيس اسٽڊيز جي اهتمام هيٺ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. چوڌري ف??اد حسين چيو ته قانون جي عملداري يقيني بڻائڻ رياست جي ذميواري آهي، رياست جو ڪنٽرول ختم ٿيو ته جٿا قانون پنهنجي هٿ ۾ کڻي وٺن ٿا. هن چيو ته حڪومت ۽ رياست شدت پسندي جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ مڪمل طور تي تيار آهي. اطلاعا?? واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان صوفين جي سرزمين ۽ درگاهن جو مسڪن هو، هتي هڪ ٻئي کي مڃي هلڻ وارا ماڻهو هئا، ٽي سئو سال اڳ جو پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ڏسو ته هتي مذهبي شدت پسندي ڪڏهن نه هئي. هن چيو ته ڪجهه سياسي سببن جي ڪري هتي اهڙو عنصر پيدا ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ پاڪستان ان وڏي خطري ۾ وٺجي ويو آهي. هن چيو ت?? ماضي ۾ اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ اهڙا استاد ڀرتي ٿيا جن انتهاپسندي کي فروغ ڏنو. اطلاعا?? واري وفاقي وزير چيو ته اسلام اعتدال ۽ امن جو درس ڏي ٿو، جيڪو شخص سيرت النبي ﷺ کي سجهي ٿو اهو ڪيئن شدت پسند ٿي سگهي ٿو؟ چوڌري ف??اد حسين چيو ته نرم روين جي لاءِ ماحول جي ضرورت آهي جيڪڏهن اسان ماحول نه ٿا ڏئي سگهون، عام ماڻهو جي زندگي جو تحفظ نه ٿا ڪري سگهون، ڪو ٻيو موقف نه ٿو اچي سگهي ته سافٽ چينج ڪيئن ممڪن آهي؟ هن چيو ته مولانا ??سن جان کي اها فتويٰ ڏيڻ تي شهيد ڪيو ويو ته خودڪش حملو اسلام ۾ جائز نه آهي. هن چيو ته اسلام جي تبليغ توازن تي ٻڌل آهي، اسلامي تعليم جي تشريح ڪندڙ فيصلو ڪن ٿا ته ڪهڙي ف??سفي جي ڪهڙي تعبير ٿيندي. هن چيو ته برطانيا مقامي لاء انفورسمنٽ نظام قائم ڪيو هو، اسان اهو نظام ته ختم ڪري ڇڏيو پر ان جو متبادل نظام نه آڻي سگهياسين، ان نظام جا ٽي وڏا ٿنڀ چوڪيدار، نمبردار ۽ ٿاڻيدار هئا، نمبردار جو انسٽيٽيوشن ختم ٿيڻ سان چوڪيدار جو نظام ختم ٿي ويو. اطلاعا?? واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جي تاريخي ڏٺي وڃي ته ڳالهيون وزيراعظم يا گهرو وزير نه پر ٿاڻيدار ڪندو هو. هن چيو ته جيڪا رياست قانون جي عملداري نه ڪرائي سگهي، ان جي بقاءَ تي تمام جلد سوال اٿن ٿا. اطلاعا?? واري وفاقي وزير چيو ته موقف جو فيصلو سوسائٽي کي ڪرڻو آهي. جيستائين اسان قانون جي عملداري کي يقيني نه بڻائينداسين ۽ رياست جي رٽ قائم نه ڪنداسين، شدت پسندي جي لاءِ ڪو نرم رويو نه ٿو اچي سگهي.