اسلام آباد – 18 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد جي گهر ويو ۽ سندس وڏي ڀاءُ شيخ رفيق قمر جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي اطلاعات واري وفاقي وزير مرحوم جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي ?? دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ جڳهه ڏي ۽ پونئيرن کي صب?? جميل عطا فرم??ئي.