فيصل آباد – 07 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته حڪومت احساس پروگرام جي لاءِ 250 ار?? رپيا رکيا آهن، اعليٰ تعليم جي لاءِ اسڪالرشپس ڏنيون پيون وڃن، ملڪي ترقي جي لاءِ عورتن جو پڙهيل لکيل هجڻ ضروري آهي، چاهيون ٿا ته پڙهي لکي عورتون قومي ڌارا ۾ اڳتي اچن. اهڙن خيالن جو اظهار مملڪتي وزير فرخ حبيب رحمت للعالمين ?? اسڪالرشپ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته شاگردن ۽ شاگردياڻين کي اعليٰ تعليم جي لاءِ اسڪالرشپس ڏنيون پيون وڃن، اسان چاهيون ٿا ته مردن وانگر عورتون پڙهي لکي قومي ڌارا ۾ اڳتي اچن. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير چيو ته سمورا تعليمي وظيف?? ميرٽ تي ڏنا پيا وڃن، اسڪلز فار آل تحت سڄي ملڪ ۾ نوجوانن کي فني تربيت ڏني پئي وڃي. هن چيو ته موجوده حڪومت جي دو?? ۾ آءِ ٽي جي روانگي واپار ۾ اضافو ٿيو آهي. فرخ حبيب چيو ته ڪامياب جوان پروگرام تحت ڪاروبار جي لاءِ نوجوانن کي قرض ڏنا پيا وڃن ۽ نوجوان بنا گارنٽي جي 10 لک تائين جو قرض حاصل ??ري سگهن ٿا. هن چيو ته حڪومت ڪامياب جوان پروگرام جي لاءِ 100 ار?? رپيا رکيا آهن، ان پروگرام تحت 28000 ماڻهن کي ار??ين رپين جا قرض جاري ڪيا ويا آهن. هن چيو ته ڪامياب جوان پروگرام تحت نوجوان گهر ويٺي روزگار حاصل ??ري سگهن ٿا. فرخ حبيب چيو ته موجوده حڪومت جي دو?? ۾ آءِ ٽي جو روانگي واپار 2 ار?? ڊالر تائين پهچي ويو، عورتن جو مجموعي ملڪي ترقي ۾ بنيادي ڪردار آهي.