اسلام آباد/نيويارڪ – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏي??ي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان ۽ ناروي جي وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري ۽ تعمير ۽ ترقي جي شعبن ۾ تعا??ن مثالي نوعيت جو آهي. اها ڳالهه هن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 76 هين اجلاس جي موقعي تي ناروي جي پنهنجي هم منصب اينا ايريڪس سوريڊا سان ملاقات دو??ان چئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ملاقات دو??ان ٻه طرفي لاڳاپن، علائقائي ۽ عالمي اهميت جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏي??ي وزير چيو ته پاڪستان ۽ ناروي جا لاڳاپا تاريخي نوعيت جا آهن، ناروي ۾ رهندڙ پنج هزار پاڪستانين جو، ٻطرفي لاڳاپن کي مستحڪم بڻائڻ ۾ اهم ڪردار آهي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سياسي، اقتصادي، توانائي ۽ گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي سگ??ه ڏيڻ جا وسيع موقعا موجود آهن. حڪومت پاڪستان ٻاهرين سيڙپڪارن کي پُرڪشش مراعتون ڏئي رهي آهي، ناروي جون وڏيون ڪمپنيون، اسان جي ڪاروبار دوست پاليسين مان فائدو کڻندي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪري بهترين منافعو ڪمائي سگ??ن ٿيون. ٻنهي پرڏي??ي وزيرن پاڪستان ۽ ناروي جي وچ ۾ ايندڙ سياسي مشاورتي اجلاس جي جلد انعقاد تي اتفاق ڪيو. پرڏي??ي وزير چيو ته ”ناروي جي پارليامينٽ ۾ پاڪ – ناروي فرينڊشپ گروپ جو قيام، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پارلياماني رابطن جي فروغ لاءِ فائديمند ثابت ٿي سگ??ي ٿو. پرڏي??ي وزير نارويجين هم منصب کي افغانستان جي اڀرندڙ صورتحال ۽ قيام امن لاءِ آئ??ده جي لائحه عمل جي حوالي سان پاڪستان جي موقف کان آگاهه ڪيو.