اسلام آباد – 10 – سيپٽمبر (اي پي پي) اط??اع??ت ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته سوشل ميڊيا تي فيڪ نيوز تمام وڏو چئلينج آهي، ميڊيا ڊيولپمينٽ اٿارٽي جي تجويز ڪيل بل ۾ فيڪ نيوز ۽ ميڊي?? ورڪرز جي حقن کانسواءِ ڪنهن به قسم جي ترميم جي لاءِ تيار آهيون، حڪومت ميديا جي آزادي تي پڪو يقين رکي ٿي، پاڪستان تحريڪ انصاف جي واحد حڪومت آهي جنهن ميڊي?? ورڪرز جي حقن جي تحفظ لاءِ قدم کنيو، پي ايم ڊي اي بابت خدشا ختم ڪيا ويندا، حڪومت کي ميڊي?? ورڪرز سدائي?? گڏ بيهڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن راولپنڊي اسلام آباد يونين آف جرنلسٽس جي وفد ??ان ملاقات دوران ڳالهائيندي. اط??اع??ت واري وفاقي وزير چيو ته هن وقت ميڊيا کي ڊيل ڪندڙ سمورا قانون ڊيجيٽل ميڊيا جي انقلاب کان اڳ تيار ٿيا، پيمرا جو قانون 2002ع م ان وقت ٺهيو جڏهن ڊيجيٽل ميڊيا موجود نه هئي. هن چيو ته 7 ريگيوليٽري باڊيز ميڊيا ادارن کي هلائي رهيون آهن جن ۾ پيمرا، پريس ڪائونسل آف پاڪستان، پاڪستان ٽيليڪام اٿارٽي، سينٽرل بورڊ آف فلمز سينسرز، پريس رجسٽرار آفيس، آڊٽ بيورو آف سرڪيوليشن ۽ نيوز پيپرز ايمپلائيز بابت امپلي مينٽيشن ٽربيونل شامل آهن. هن چيو ته سوشل ميديا تي فيڪ نيوز تمام وڏو چئلينج آهي، دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ ا??ان جو اٽڪل 150 ارب ڊالر جو معاشي نقصان ٿيو، ا??ان 80 هزار جانيون قربان ڪيون، ان جي باوجود ا??ان ايف اي ٽي ايف جي گري لسٽ ۾ آهيون. هن چيو ته ميڊيا ڊيولپمينٽ اٿارٽي جي تجويز ڪيل بل ۾ فيڪ نيوز ۽ ميڊي?? ورڪرز جي حقن کانسواءِ ا??ان ڪنهن به قسم جي ترميم لاءِ تيار آهيون. هن چيو ته پاڪستان ميڊيا ڊيولپمينٽ اٿارٽي قائم ڪرڻ جي لاءِ ا??ان 5 ملڪن جي قانونن جي اسٽڊي ڪئي آهي. چوڌري فواد حسين چيو ته ميڊي?? ورڪرز کان فورسڊ ليبر وانگر ڪم ڪرايو پيو وڃي جڏهن ته انهن کي ڪانٽريڪٽ تائين نه ٿو ڏنو وڃي. ڊي ايس اين جي جي ڊرائيورز ۽ اين ايل ايز وٽ پنهنجي مسئلن جي حل لاءِ ڪو رستو موجود نه آهي، ا??ان ميڊيا ادارن کي 75 ڪروڙ رپين جي ادائيگيون ڪيون پر ان جي باوجود اهي پنهنجي ورڪرز کي پگهارون ادا نه ڪري رهيا آهن. هن چيو ته حڪومت کي ميڊي?? ورڪرز سا?? گڏ بيهڻو پوندو. اط??اع??ت واري وفاقي وزير چيو ته حڪومت صحافين جي ڀلائي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي. وزيراعظم جي نئون پاڪستان هائوسنگ اسڪيم ۾ صحافين کي پلاٽ فراهم ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن. ان موقعي تي آر آءِ يو جي جي وفد اط??اع??ت واري وفاقي وزير کي ميڊي?? ورڪرز جي حقن جي تحفظ جي قدمن تي پنهنجي ڀرپور تعاون جي خاطري ڪرائي. اط??اع??ت واري وفاقي وزير وفد جا مسئلا غور ??ان ٻڌا ۽ انهن جي حل جي خاطري ڪرائي. آر آئي يو جي جي وفد ۾ صدر شڪيل احمد، جنرل سيڪريٽري صديق انظر، نائب صدر منيبه افتخار، صدر وومين جرنلسٽس پروٽيڪشن فورم فرحت فاطمه، راڻا رضوان، عثمان خان، جوائنٽ سيڪريٽريز اظهر شريف، عمر جٽ، شازيه طاهر، فنانس سيڪريٽري اياز اڪبر، ايگزيڪيوٽو ميمبر عثمان مغل، زبير خان، ناصر عباس، عثمان ملڪ، سيد ياسين هاشمي شامل هئا.