اسلام آباد – 07 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته حڪومت اقليتن جي سماجي ۽ معاشي ترقي جي لاءِ قدم کڻي رهي آ??ي، اقليت?? کي تعليم ۽ سرڪاري نوڪريون حاصل ڪرڻ جي لاءِ حوصلا افزائي جي ضرورت آهي، بين المذاهب هم اهنگي جي فروغ لاءِ مڪالمي جي روايت عام ڪرڻي پوندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن چيلا رام ڪيولاڻي جي قيادت ۾ قومي اقليتي ڪميشن جي وفد سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. وف?? ۾ ??نڊ ڏسڻي ڪميٽي جو چيئرمين مولانا سيد عبدالخبير آزاد، جي پال ڇابڙيه، مفتي گلزار نعيمي، ويشنو راجا، ڊاڪٽر ساره صفدر ۽ قومي اقليتي ڪميشن جا ٻيا ميمبر شامل هئا. صدر چيو ته حڪومت اقليتن جي سماجي ۽ معاشي ترقي جي لاءِ قدم کڻي رهي آ??ي. حڪومت اقليتن جي عبادتگاهن جي حفاظت ۽ سارسنڀال جي لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪري رهي آ??ي. هن چيو ته حڪومت اقليتن جي لاءِ سرڪاري نوڪرين ۾ 5 سيڪڙو ڪوٽا مخصوص ڪئي. اقليت?? کي تعليم ۽ سرڪاري نوڪريون حاصل ڪرڻ جي لاءِ حوصلا افزائي جي ضرورت آهي. اقليتي اڳواڻ پنهنجي ڪميونٽي ۾ نوجوان?? کي تعليم ۽ سرڪاري نوڪريون حاصل ڪرڻ تي راغب ڪن. صدر چيو ته پاڪستان جو آئين اقليت?? کي برابري جا حق فراهم ڪري ٿو. رياست اقليت?? کي قومي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. ملڪي ترقي جي لاءِ هڪ ٺوس ۽ برابري تي ٻڌل معاشري جي جوڙجڪ لازمي آ??ي. هن چيو ته حڪومت اقليتي برادري جي شاگرد?? کي تعليم وظيفا ۽ مالي امداد فراهم ڪري رهي آ??ي. ڪامياب جوان پروگرام تحت اقليتي برادري جا نوجوان ۽ عورتون ڪاروبار جي لاءِ قرض حاصل ڪري سگهن ٿا. بين المذاهب هم آهنگي جي فروغ لاءِ مڪالمي جي روايت عام ڪرڻي پوندي. هن چيو ته اميد آهي ته قومي اقليتي ڪميشن بين المذاهب هم آهنگي ۽ امن جي فروغ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو. وفد صدر کي اقليت?? کي درپيش مسئلن کان آگاهه ڪيو. صدر وفد کي مسئلن جي حل لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ جي خاطري ڪرائي. وفد اقليتن جي حقن جي تحفظ لاءِ ڪوششن ۽ ذاتي دلچسپي تي صدر جي ڪردار کي ساراهيو.