پشاور – 06 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته موسمياتي تبديلي جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ وڻڪاري انتهائي اهم آهي ۽ ان حوالي سان ??لڪ ۾ جاري سانوڻي دوران ??يلن جو دائرو وسيع ڪرڻ لاءِ موثر عوامي آگاهي مهم جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پشاور جي دوري جي موقعي تي خصوصي بريفنگ دوران ڪيو. ان ??وقعي تي وزيراعظم جو موسمياتي تبديلين ??ابت خاص مددگار ملڪ امين ??سلم، ماحوليات ۽ ٻيلن وارو صوبائي وزير سيد اشتياق ارمڙ ۽ خيبرپختونخوا جو ماحوليات ۽ ٻيلن وارو سيڪريٽري اسلام زيب خان به موجود هئا. وزيراعظم عمران خان ان ??وقعي تي سانوڻي جي وڻڪاري مهم جي سلسلي ۾ هڪ ٻوٽو به پوکيو. وزيراعظم عمران خان چيو ته ملڪ ۾ سانوڻي دوران ??ڻڪاري لاءِ عوام جي آگاهي جي غرض سان ??وثر مهم شروع ڪئي وڃي ته جيئن وڌ کان ??ڌ علائقن کي ٻيلن جي دائري ۾ آڻي سگهجي. هن چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت جي فليگ شپ 10 بلين ٽري فار اسٽيشن پراجيڪٽ تحت پوکيل ٻيلن جي وڊيوز اپ لوڊ ڪرڻ لاءِ خصوصي ويب سائيٽ لانچ ڪرڻ گهرجي ته جئين ??ام ماڻهو حڪومت جي ڄاڻايل منصوبي جي افاديت کان باخبر ٿي سگهن. هن چيو ته 10 بلين ٽري فار اسٽيشن پراجيڪٽ تحت پوکيل ٻيلن تي خصوصي دستاويزي فلمون ٽي وي تي ٽيلي ڪاسٽ ڪيون وڃن ۽ سوشل ميڊيا تي اپ لوڊ ڪيون وڃن ته جيئن عوام کي سانوڻي دوران ??ڏي پئماني تي ٻوٽا پوکڻ جي ترغيب ملي. هن چيو ته اها حقيقت يقيني طور تي عام ماڻهن کي وڻڪاري تي آماده ڪندي ته هڪ زمين ??يڪا پنج سال پهرين ??نجر هئي اڄ حڪومتي ڪوششن ۽ جدوجهد سان سرسبز ۽ شاداب بڻائي وئي آهي، هن چيو ته گرين پاڪستان ??هم تحت کنيل قدم، ٻيلن جي وڊيو اپ لوڊ ڪرڻ يقيني طور تي عوام کي پنهنجي ذميدارين ??ي وڌ کان ??ڌ ٻوٽا پوکڻ جي ترغيب ڏيندو. ٻئي پاسي وزيراعظم عمران خان کي جاري سانوڻي مند دوران ??ڻڪاري مهم ۽ پاڪستان ۾ اربين وڻ پوکڻ جي منصوبي جي ڪاميابين ??ي باري ۾ تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته صحافين لاءِ جلد ئي ه??لي ڪاپٽر جي ذريعي فضائي دوري جو اهتمام ڪيو ويندو جنهن دوران کين چترال ۽ باجوڙ سميت انهن سمورن ماڳن جو د??رو ڪرايو ويندو جتي حڪومتي منصوبي تحت وڻڪاري ڪئي وئي آهي، وزيراعظم عمران خان کي ٻڌايو ويو ته 10 بلين ٽري فار اسٽيشن پراجيڪٽ تحت لڳايل ٻيلن ۽ ٻوٽن جي مشهوري لاءِ هڪ ويب سائيٽ به لانچ ڪئي وئي آهي.