اسلام ??با?? – 19 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي اهم ترجيحن ۾ آبي ذخيرن جي تعم??ر ۽ پن بجلي جا منصوبا شامل آهن، مهمند ڊيم منصوبو مڪمل ٿيڻ سان 800 ميگاواٽ پن بجلي، 12 لک ايڪڙ فوٽ ايڪڙ پاڻي ذخيرو ٿيندو جنهن سان 17 هزار ايڪڙ زمين ??با?? ٿيندي، ان منصوبي تي ڪم سيپٽمبر 2019ع ۾ شروع ٿيو جيڪو نومبر 2025ع ۾ مڪمل ٿيندو. وزيراعظم جي مهمند ڊيم جي دوري جي حوالي سان پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته وزيراعظم عمران خان مهمند ڊيم سائيڊ جو دورو ڪيو اتي جاري ڪم جو جائزو ورتو، فرخ حبيب ٻڌايو ته مهمند ڊيم هائيڊرو پاور پراجيڪٽ، ديامرڀاشا، داسو هائيڊرو پاور، ڪرم تنگي ڊيم ملٽي پرپز، تربيلا ففٿ توسيع، برپوهائيڊرو پاور پراجيڪٽ، سنڌ بيراج پراجيڪٽ، گريٽر ڪراچي بلڪ ??اٽ?? سپلائي اسڪيم (ڪي ٽو فور) ڪڇي ڪينال پراجيڪٽ ۽ نئين گنجي پراجيڪٽ مڪمل ٿيڻ سان مجموعي طور تي هڪ ??روڙ 29 لک ايڪڙ فوٽ پاڻي ذخيرو، 9 هزار ميگاواٽ پن بجلي جي پيداوار، 91 هزار 917 ايڪڙ اض??في زمينون ??با?? ۽ 35 هزار کان وڌيڪ نئين نوڪرين جا موقعا پيدا ٿيندا.