اسلام آباد – 22 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمرا?? خان چيو آهي ته عوام کي رليف جي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، عوامي نمائندن کي پنهنجي تڪن جي ماڻهن جي ڀلائي لاءِ قانونساز اسيمبلين ۾ آواز اٿاري مثبت ڪردار ??دا ڪرڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن صوابي سان تعلق رکندڙ پارليامينٽ جي ميمبرن سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ سينيٽر لياقت ترڪئي، ايم اين اي عثما?? خان ترڪئي، صوبائي وزير شهرام ترڪئي، ايم پي اي محمد علي ترڪئي ۽ خاص مددگار ملڪ عامر ڊوگر به موجود هو.