وانا – 20 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڏکڻ وزيرستان جي دوري دوران ضلعي ۾ احساس ڪفالت پروگ??ام جو آغاز ڪري ڇڏيو آهي. وزيراعظم ميڊيا آفيس مان جاري بيان م??جب ڏکڻ وزيرستان جي 25 سيڪڙو کان وڌيڪ آبادي کي هلندڙ سال احساس پروگ??ام جي ذريعي سماجي ۽ معاشي تحفظ جي فراهمي يقيني بڻائي ويندي. ان موقعي تي سماجي تحفظ واري خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر وزيراعظم کي احساس جي وزيرستان ۾ قدمن تي بر??فن?? ڏني.