اسلام آباد – 14 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر ش??لي فراز چيو آهي ته پي ڊي ايم لکين جلسا ڪري احتساب جي عمل تي ڪو ٺاهه نه ڪيو ويندو، لاهور ۾ پي ڊي ايم جو شو فلاپ رهيو، انهن جي جلسي کي عوام رد ڪري ڇڏيو، مخالف ڌر پارٽيون حڪومت کان استعيفيٰ وٺڻ آيون هيون ۽ هاڻي استعيفيٰ ڏيڻ تي اچي ويون آهن، مخالف ڌر کي چوري جو حساب ڏي??و پوندو، وزيراعظم عمران خان پنهنجا فيصلا پاڻ ڪندو ??هي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نجي ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهائيندي ڪيو.