اسلام آباد – 25 – ڊسمبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر موجب سڄي ملڪ ۾ 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي ٻي له?? سبب وڌيڪ 85 ما??هو زندگي جي بازي هارا??ي ويا، اين سي او سي پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي متاثر م??يضن جو تعداد 4 لک 67 هزار 222 ٿي ويو آهي، گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪورونا وائرس سبب متاثر وڌيڪ 2 هزار 152 ڪيس رپورٽ ٿيا، 24 ڪلاڪن دوران 39 هزار 435 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن کانپوءِ ايڪٽو ڪيسز جو تعداد 38 هزار 511 ٿي ويو آهي، انهي دوران ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 85 فوتگيون ٿيون، سڄي ملڪ ۾ ڪورونا سبب فوت ٿيندڙن جو تعداد 9 هزار 757 ٿي ويو آهي، ڪورونا سبب متاثر 4 لک 18 هزار 958 مريض صحتياب ٿيا، سڄي ملڪ ۾ 1824 ما??هو صحتياب ٿيا جڏهن ??ه 2382 ماڻهن ??ي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، واضح رهي ته هن وقت آزاد ڄمون ۽ ڪشمير، بلوچستان ۽ گلگت بلتستان ۾ ڪو به مريض وينيٽليٽرز تي نه آهي.