اسلام آباد – 03 – ڊسمبر (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) صنعتي صارفين جي لاءِ بجلي استعمال ڪرڻ جي وقتن جي بنياد تي ٽيرف اسڪيم جي خاتمي جي منظوري ڏئي ڇڏي ??هي. ڪابينا جي اقصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس وزيراعظم جي ناڻي ۽ اوڳاڙين واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ جي صدارت ۾ ٿيو. اجلاس ۾ نجڪا??ي وا??ي وفاقي وزير محمد ميان سومرو، اقتصادي معاملن وا??ي وفاقي وزير مخدوم خسرو بختيار، ريلوي وا??ي وفاقي وزير شيخ رشيد احمد، واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود، روينيو واري خاص معاون ڊاڪٽر وقار مسعود، پاور واري خاص معاون تابش گوهر ۽ وزيراعظم جي اداراجاتي سڌارن واري صلاحڪار ڊاڪٽ?? عشرت حسين شرڪت ڪئي.