اسلام آباد – 23 ن??مب?? (اي پي پي) تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري وفاقي وزير شفقت محمود چيو آهي ته ملڪ ۾ وڌندڙ ڪورونا ڪيسز کي نظر ۾ رکندي تعليمي ادارا 26 ن??مب?? کان 24 ڊسمبر تائين بند رهندا، جڏهن ته 25 ڊسمبر کان 10 جنوريءَ تائين سياري جون موڪلون ٿينديون. اهڙي ريت ڪي به تعليمي امتحا?? جيڪي رٿيل هئا، نه ٿيندا. جڏهن ته ووڪيشنل سينٽرز کليل رهندا ۽ انٽري ٽيسٽ ۽ ن??ڪرين لاءِ امتحان?? جي اجازت هوندي، يونيورسٽيون ۽ سمورا تعليمي ادارا آن لائين تعليم ڏيندا. يونيورسٽي?? جي هاسٽلز ۾ هڪ ڀاڱي ٽي سيڪڙو شاگردن کي رهڻ جي اجازت هوندي. اهڙو فيصلو تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود جي صدارت ۾ تعلمي وا??ن صوبائي وزير?? جي اين سي او سي ۾ ٿيل اجلاس ?? ڪيو ويو. اجلاس کان پوءِ وزيراعظم جي قومي صحت بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فيصل سلطان سان گڏ شفقت محمود تفصيلن کان آگاهه ڪيو.