اسلام آباد – 15 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪي روينيو جو موثر استعمال، بهتر مالياتي ۽ قرض ان??ظام، توانائي ۽ مالياتي شعبن ۾ سڌارن ۽ سيڙپڪاري جي ماحول جي بهتري ??وجوده حڪومت جي اولين ترجيح آهي، ترقياتي مقصد جي لاءِ قرضن جي استعمال جا موقعا ڳوليا وڃن. اهڙن خيا??ن جو اظهار هن هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ڪورونا وائرس سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ مختلف ترقياتي حصيدارن کان ملڪ کي ملندڙ امداد جي حوالي سان ملڪ جي ان??روني ۽ ٻاهرئين مالياتي صورتحال جو جائزو ورتو ويو.