اسلام آباد – 13 مئي (??ي پي پي) وزيراعظم عمران خان پاڪستان پوسٽ پينشن فنڊ قائم ڪرڻ جي اصولي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اهو فيصلو وزيراعظم جي صدارت ۾ پاڪستان پوسٽ ملازمن جي پينشن جي حوالي سان ٿيل اجلاس ۾ ڪيو ويو. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته پاڪستان پوسٽ جي بجيٽ خرچن جو اٽڪل 34 سيڪڙو حصو پينشن تي ٻڌل آهي جنهن ۾ ترتيبوار اضافو ٿي رهيو آهي، وزيراعظم جي هدايت تي ملائيشيا جي پينشن ماڊل کي نظر ?? رکندي پاڪستان پوسٽ پينشن فنڊ قائم ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي آهي، پاڪستان پينشن فنڊ قائم ڪرڻ جو مقصد حڪومت تي پوندڙ پينشن جي بار ۾ گهٽتائي آڻڻ ۽ ملازمن جي پينشن جي معاملن جو بهتر انتظ??م يقيني بڻائڻ آهي.