اسلام آباد – 30 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڪرونا وائرس کي منهن ڏيڻ لاءِ وزيراعظم ڪرونا وائرس رليف فنڊ ۽ ٽائيگرز فورس قائم ڪرڻ جو اعلان ڪندي چ??و آهي ته ملڪ مڪمل لاڪ ڊائون جي سٽ نٿو سهي سگهي، جيڪڏهن ملڪ ۾ مڪمل لاڪ ڊائون ٿيو ته غريب طبقو گهڻو م??اثر ٿيندو، چين جهڙيون معاشي حالتون هجن ها ته پورو ملڪ بند ڪري ڇڏيان ها، ملازم?? کي بيروزگار نه ڪندڙ صنعت?? کي آسان شرطن تي قرض ڏنا ويندا، اسان وسيلن ۾ رهندي رليف پيڪيج جو اعلان ڪ??و آهي، ذخيره اندوزن جي خلاف سخت ڪار??وا??ي ڪئي ويندي، ڪرونا جي خلاف جنگ هڪ قوم بڻجي کٽي سگهون ٿا، اها بيماري پوڙهن ۽ بيمارن ۾ وڌيڪ پکڙجي ٿي، ڊفنس ۽ اسلام اباد جا سيڪٽر بند ڪرڻ سان ڪجهه به حاصل نه ٿيندو، قوم کي خطاب ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته ڪرونا وائرس جڏهن چين جي صوبي ووهان مان شروع ٿيو ته چين فوري طور تي 2 ڪروڙ ماڻه?? کي لاڪ ڊائون ڪري ڇڏيو ۽ ڪنه?? کي به نڪ??ڻ نه ڏنو ۽ سڀ کان اڳ ۾ جيڪڏهن ان بيماري تي ضآبطو آندو ته چين آندو، هن چيو ته اسان جي معاشي حالت اهڙي ناهي جو اسان ائين ڪريون.