لاهور – 07 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته حڪومت فلمي صنعت ۽ سئنيما کي صنعت جو درجو ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، فلم کي سينسر ڪرڻ جو اختيار فيڊرل سينسر بورڊ وٽ هو??دو?? فلمي صنعت ذريعي تهذيب، قدرن ۽ ثقافت کي اجاگر ڪرڻ ترجيح آهي، عوام پنهنجي مسئل?? جي حل لاءِ وزيراعظم عمران خان کي پنهنجو مسيحا بڻائي چڪي آهي، نيب آزاد ادارو آهي. فلم انڊسٽري جي وفد سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته نئين فلم پاليسي جي حوالي سان ڌرين سان مشاورت ٿي آهي ۽ نئين فلم پاليسي ۾ ڌري?? جي تجويزن کي شامل ڪيو وي??دو?? فلمي صنعت جي بحالي لاءِ حڪومت هر ممڪن تعاون ڪندي.