اسلام آباد – 23 – جولائي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پر??يه?? وزير سينيٽر اسحاق ڊار چيو آهي ته ??اڪستان ۽ ترڪمانستان اعليٰ سطح جي ڳالهه ٻولهه ۽ مٽاسٽا کي ??روغ ڏيڻ تي اتفاق ڪيو آهي، ترڪمانستان جي قومي اڳواڻ قربان گلي بردي محمدوف جي پاڪستان جي دوري جا منتظر آهيون، سندس پاڪستان جو متوقع دورو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستاڻي لاڳاپن کي ??ڌيڪ سگهه ڏيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پر??يه?? آفيس ۾ ترڪمانستانجي پر??يه?? وزير راشد ميريدوف سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. نائب وزيراعظم چيو ته ??اڪستان ۽ ترڪمانستان جا لاڳاپا امن ۽ خوشحالي جي گڏيل نصب العين تي ٻڌل آهن. ٻنهي ملڪن جي عوام جا هڪ ٻئي سان مضبوط لاڳاپا آهن. سينيٽر اسحاق ڊار چيو ته ??لاقات ۾ اسان ٻطرفي ايجنڊا سان گڏ علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي جو پڻ احاطو ڪيو. ترڪمانستان جي پر??يه?? وزير جو پاڪستان جو دورو ٻطرفي مٽاسٽا ۽ تعاون جي فروغ جي عزم جو اظهار آهي. خوشي آهي ته ??اڪستان ۽ ترڪمانستان جا لاڳاپا مثبت رخ ۾ گامزن آهن. هن چيو ته ??اڪستان ۽ ترڪمانستان جي وچ ۾ ٻطرفا تاريخي ۽ ڀائراڻا لاڳاپا قائم آهن. گڏيل مشاورت جي ٽئين دور ۾ اسان مختلف شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن جو جائزو ورتو ج??هن ته اسان اعليٰ سطحي ڳالهه ٻولهه ۽ مٽاسٽا کي ??روغ ڏيڻ تي پڻ اتفاق ڪيو آهي. نائب وزيراعظم چيو ته اسان سياست، معيشت، دفاع سميت ٻين شعبن ۾ تعاون وڌيڪ سگهه ڏيڻ تي اتفاق ڪيو. واپار، سيڙپڪاري، توانائي ۽ آءِ ٽي جي ترجيحي شعبن ۾ رابطا وڌائڻ تي پڻ غور ڪيو آهي. هن چيو ته ترڪمانستان جي پر??يه?? وزير کي ??اڪستان ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ ايس آءِ ايف سي جي اهم ڪردار کان آگاهه ڪيو. اسان ترڪمانستان جي ڪمپنين کي ??اڪستان ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏيون ٿا. پاڪستاني بندرگاهون ٻنهي ملڪن جي ڪاروباري برادري جي لاءِ پرڪشش موقعا فراهم ڪن ٿيون. ترڪمانستان جون ڪمپنيون گوادر ۽ ڪراچي بندرگاهن مان فائدو کڻن. نائب وزيراعظم چيو ته تاپي گئس پائيپ لائين ۽ اليڪٽرسٽي ٽرانسميشن منصوبن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي ۽ ان جو جائزو ورتو ويو. هن چيو ته ??اڪستان ۽ ترڪمانستان آزاد ويزا پاليسي جي لاءِ گڏجي ڪم ڪندا. اسان ٻطرفي پارلياماني رابطن ۽ ثقافتي مٽاسٽا کي ??روغ ڏيڻ تي اتفاق ڪيو آهي. تعليمي وظيفن ۽ عوامي سطح تي رابطن جي فروغ جو پڻ فيصلو ڪيو ويو آهي. سينيٽر اسحاق ڊار چيو ته اسان گڏيل قومن ۽ اي سي او سميت گهڻ رخي فورمز تي تعاون جي فروغ جي لاءِ پرعزم آهيون. هن چيو ته ترڪمانستان جي پر??يه?? وزير کي ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي صورتحال کان پڻ آگاهه ڪيو. ان موقعي تي ترڪمانستان جي پر??يه?? وزير راشد ميريدوف چيو ته ??اڪستان اسان جو ويجهو دوست ۽ ڀائر ملڪ آهي، مهمان نوازي تي نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار ۽ پاڪستان حڪومت جو ٿورائتو آهيان. هن چيو ته ??اڪستاني هم منصب سان مختلف معاملن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. اسان ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو ورتو. ترڪمانستان جي پر??يه?? وزير چيو ته ??اڪستان سان سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ تعاون جي موقعن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ اسان تاپي گئس پائيپ لائين منصوبي تي اڳڀرائي جو پڻ جائزو ورتو.