اسلام آباد – 23 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ملڪي اقتصادي سفارتڪاري جي فروغ جي حوالي سان اهم فيصلا ڪيا آه??. وزيراعظم جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ ملڪي اقتصادي سفارتڪاري جي فروغ جي لاءِ اڪنامڪ آئوٽ ريچ اپيڪس ڪميٽي قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اقتصادي سفارتڪاري جي فروغ جي حوالي سان خاص معاون ڊاڪٽر معيد ??وس?? کي فوڪل پرسن بڻايو ويو آه??. لاڳاپيل وفاقي وزارتن، صوبائي کاتن ۽ ٻين ادارن جي وچ ۾ ڪوآرڊينيشن ۽ هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ اڪنامڪ آئوٽ ريچ ڪوآرڊينيشن گروپ قائم ڪرڻ جو پڻ فيصلو ڪيو ويو آه??.