لاهور – 10 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته علامه محمد اقبال ۽ قائداعظم محمد علي جناح جي تصور موجب پاڪستان کي فلاحي رياست بڻا??ڻ جي لاءِ پرعزم آهيون، انشاءَ الله پاڪستان اسلامي دنيا ۾ فلاحي رياست جو مثال بڻجندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ??وبائي گادي واري شهر ۾ غريب ۽ بي سهارا ماڻهن ??ي لاءِ پناهه گاهه قائم ڪرڻ جي منصوبي جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.