اسلام آباد – 20 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ جمعي ڏينهن پاڪستان آءِ لينڊ ڊولپمينٽ ا??ارٽي ۽ راوي اربن ڊولپمينٽ ا??ارٽي جي ورڪنگ گروپس جو اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ سنڌ جو گورنر عمران اسماعيل ۽ پنجاب جو چيف سيڪريٽري جواد رفيق ملڪ وڊيو لنڪ جي ذريعي شرڪت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم کي ٻنهي منصوبن تي هن وقت تائين ??يندڙ اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ويو، وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته راوي سٽي ۽ ٻيٽن تي آباد ٿيندڙ شهر ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو سرسبز شهر (گرين سٽي) جي اصولن جي عين ??وجب هوندا، راوي ڊولپمنيٽ ا??ارٽي جي چيئرمين ??ڌايو ته تعميرات جي لاءِ 18600 ايڪڙ زمين جو سروي مڪمل ٿي چڪو آهي، جنهن ۾ مقامي آبادي کي بي دخل ڪرڻ يا ڪنهن ٻي جاءِ تي منتقل ڪرڻ ج?? ضرورت نه آهي، هن ٻڌايو ته راوي سٽي منصوبو ??ال??ي معيار موجب رهائش سان گڏوگڏ پاڻي جي نيڪالي، زمين جي اندر پاڻي جي ذخيرن جي دستيابي ۽ حفاظت ۽ ماحولياتي تح??ظ جي حوالي سان خطي ۾ پيروي ڪرڻ ج?? نمونو ثابت ٿيندو، واضح رهي ته اهو منصوبو قرض بدران حصيداري جي بنياد تي ٺاهيو پيو وڃي جنهن ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ ??ال??ي ادارا ۽ سيڙپڪار دلچسپي جو اظهار ڪري رهيا آهن.