اسلام آباد – 28 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان قرضن ۾ رليف جي لاءِ جي 20 ملڪن جي قدمن جي آجيان ڪندي چيو آهي ته اسرندڙ ملڪن وٽ ايترا مالي وسيلا ناهن جو هو پنهنجي معيشت کي بحال ۽ ڪمزور طب??ن جي مدد ڪري سگهن، ڪورونا هڪ عالمي ??سئلو آهي ۽ ان سان گڏجي عالمي انداز ۾ م??هن ڏيڻو آهي، ڪورونا وائرس جي پکيڙ دنيا جي معيشتن کي متاثر ڪيو آهي، اسان جو روانگي واپار به متاثر ٿيو آهي، ترقي يافته ملڪ جيڪڏهن ان مسئلي کي م??هن ڏيڻ لاءِ قدم کڻن ته سڀئي مشڪل صورتحال مان نڪري سگهن ٿا. هن اهڙن خيالن جو اظهار ڪورونا ۽ ان کا??پو??ِ ترقي جي لاءِ سيڙپڪاري بابت عالمي ??رچوئل اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. ڪينيڊا ۽ جميڪا جا وزيراعظم، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل گڏيل طور تي اجلاس جي صدارت ڪئي.