اسلام آباد – 24 مئي (ا?? پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عيدالفطر جي خوشي جي موقعي تي قوم کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ??ه آئون الله تعاليٰ کان دعاگو آهيان ته هو اسان جي عبادتن کي پنهنجي بارگاهه ۾ قبول فرمائي، هي ڏينهن جتي پنهنجن سان ايثار ۽ محبت جو ڏينهن آهي ??تي ضرورتمندن ۽ مستحق ماڻهن جي دل کٽڻ ۽ انهن کي پنهنجي خوشين ۾ شريڪ ڪرڻ جو به ڏينهن آهي، پاڪستاني قوم کي ڪورونا وبا جي نازڪ صورتحال جو مقابلو ڪرڻ جي اتحاد ۽ احتياط تي عمل ڪرڻو پوندو. عيدالفطر جي موقعي تي پنهنج?? پيغام ۾ صدر چيو ته عيدالفطر جو ڏينهن مسلمانن جي لاءِ رڳو هڪ ت??وار کان وڌيڪ ان محنت، رياضت، صبر ۽ همدردي ??و انعام آهي ??يڪو رمضان المبارڪ جي مهيني ۾ انجام ڏنو وڃي ٿو.