اسلام آباد – 17 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته والاريل ڪشمير ۾ مودي جو آر ايس ايس کان متاثر نظريو تما?? واضح آهي، غيرقانوني الحاق سان ڪشميرين کي انهن جي حق کان محروم رکڻ، طاقت جي بي رحماڻي استعمال ۽ غيرانساني سلوڪ ان ??و مثال آهي. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ڪشمير ۾ ڀا??ت ٽه رخي سوچ تي عمل ڪ??ي رهي آهي جنهن ۾ ڪشميرين جي خ??اف طاقت جو بي رحماڻو استعمال ڪيو پيو وڃي، عورتن ۽ ٻارن جي خ??اف غيرانساني هٿيار پيلٽ گنز استعمال ڪئي پئي وڃي، ڀارت ڪشمير جو غيرانساني لاڪ ڊائون ڪ??ي رکيو آهي، ڪشميرين کي خوراڪ ۽ دوائن جهڙي بنيادي ضرورتن جي شين کان محروم رکيو آهي.