اس??ام آباد – 13 مارچ (ا?? پي پي) نيشن?? سيڪيورٽي ڪائونسل طورخم، تفتان، چمن ۽ سوست سميت سرحدي علائقن کي 15 ڏينهن لاءِ بند ڪرڻ ۽ عوامي ميڙن کي محدود ڪ??ڻ جو فيصلو ڪيو آهي،جڏهن ته عالمي اڏامون صرف اس??ام آباد، ڪراچي ۽ لاهور ايئرپورٽس تي اچي سگهنديون ۽ ايئرپورٽس تي حفاظتي انتظامن کي وڌيڪ موثر بڻائڻ لاءِ قدم کنيا ويندا، پاڪستان جي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته نيشن?? سيڪيورٽي ڪائونسل جي اجلاس ۾ ڪرونا وائرس جي صورتحال تي غور ويچار ڪيو ويو، وزيراعظم عوام کي عالمي چئلينج کي نظر ۾ رکندي حفاظتي قدم اختيار ڪرڻ ۽ عوامي ميڙن ۾ وڃڻ کان پاسو ڪ??ڻ جي اپيل ڪئي آهي.