اسلام آباد – 11 فيبروري (اي پي پي) وفاقي ڪابينا پائيدار حڪمت عملي تحت معاشري جي ڪمزور ۽ وچولي طب??ي جي سهولت لاءِ 4 هزار يوٽيلٽي اسٽورز ذريعي اٽي، گيهه، کنڊ ۽ دالين تي 5 مهينن دوران 10 ارب جي سبسڊي ڏيڻ، ڪامياب جوان پروگرام تحت يوٽيلٽي اسٽورز جي تعاون سان 2 هزار يوٿ اسٽور کولڻ جي منظوري ڏئ?? ڇڏي آهي. وز??راعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ وز??راعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ، مذهبي معاملن واري وفاقي وز??ر پير نورالحق قادري سان گڏ صحافين کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته مهانگائي جي خلاف عوام ۽ خاص طور تي غريب ۽ گهٽ آمدني وارن ماڻهن کي رليف ڏيڻ جي حوالي سان حڪومت پ??ران وڏي پئڪيج جو اعلان ڪيو ويو آهي.