اسلام آباد – 21 ڊسمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي ڪنوينشن جي ميمبر ملڪن جي ڪانفرنس جي اٺ??ن اجلاس ۾ بدعنواني جي روڪٿام ۽ ان کي منهن ڏيڻ ل??ءِ پارليامينٽس جي ڪردار کي مستحڪم بڻائڻ بابت پاڪستان جي پيش ڪيل قرارداد کي متفقه طور تي منظور ڪيو ويو. ڇنڇر ڏينهن پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب اجلاس 16 کان 20 ڊسمبر تائين متحده عرب امارات جي گادي واري شهر ابوظهبي ۾ منعقد ٿيو. ترجمان جو چوڻ آهي ته پاڪستان جو اهو قدم بدعنواني کي منهن ڏيڻ ل??ءِ وزيراعظم عمران خان جي وي??ن موجب آهي.