اسلام آباد – 24 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستاني نوجوان اسان جي آبادي جو 65 سيڪڙو آهن، انهن جي شموليت ۽ تعاون کانسواءِ دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ فتح ممڪن نه هئي. هو پاڪستان نيشنل يوٿ ڪنوينشن 2024ع کي خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪري رهيو هو. پاڪ فوج جو سربراهه جنرل سيد عاصم منير اعزازي م??مان هو. تقريب کي خطاب ڪندي نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته پاڪستاني قوم دهشتگردي جي ??عن?? جو جرئت ۽ بهادري سان مقابلو ڪيو ۽ لازوال قربانيون ڏنيون، پاڪ فوج پوري لگن ۽ پيشيواراڻي م??ارت سان دهشتگردي جي خلاف جنگ وڙهي. هن چيو ته پاڪستان جي ذميوار شهري هجڻ جي ناطي اسان کي پاڪستان جي خلاف پاڪستان جي دشمنن جي ڦهلايل پروپئگنڊه کي رد ڪ??ڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستاني نوجوان قومي سلامتي جي ان اڀرندڙ چئلينج کي م??هن ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا، ان چئلينج تي ان ئي وقت ضابطو آڻي سگهجي ٿو جڏهن نوجوان، دشمنن جي ڦهلايل پروپئگنڊه کي رد ڪ??ي رياست پاران فراهم ڪيل مستنند معلومات تي دارومدار ڪن.