اسلام آباد – 28 – جنوري (اي پي پي) وفاقي حڪومت سي??يٽ اليڪشن اوپن بيلٽ سان ڪرائڻ ۽ ٻٽي شهريت رکندڙ پ??ڪستانين کي اليڪشن وڙهڻ جي اجازت ڏيڻ جي لاءِ 1973ع جي آئين ۾ 3 ترميمن جي لاءِ آئيني پئڪيج ايندڙ هفتي پارليامينٽ ۾ پيش ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، ان آئيني ترميمن سان سي??يٽ اليڪشن ۾ هارس ٽريڊنگ ۽ ووٽن جي خريد ۽ وڪري جو رستو سدائين جي لاءِ بند ٿي ويندو، پهريون ڀيرو عمران خان جي حڪومت ۽ پي ٽي آءِ پاران پاڪستان جي سموري اشرافيه جيڪا پارليامينٽ جي اندر آهي ان جي لاءِ هي ٽيسٽ ڪيس کڻي وڃي رهيا آهن، ماضي ۾ سي??يٽ اليڪشن ۾ ضمير وڪرو ۽ ووٽ خريد ڪيا ويندا هئا، ميثاق جمهوريت جي آرٽيڪل 23 ۾ سي??يٽ اليڪشن اوپن بيلٽ ڪرائڻ جو مطالبو آهي، سي??يٽ اليڪشن جي لاءِ ووٽ خريد ڪندڙ ننڍن صوبن کانپوءِ پنجاب جي لاءِ به ريٽس ڪڍي ڇڏيا آهن، سي??يٽ اليڪشن ۾ اڪثريت کانپوءِ وڌيڪ آئيني ترميمون به ڪيون وينديون. اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير سي??يٽر شبلي فراز ۽ وزيراعظم جو پارلياماني معاملن وارو خاص معاون ڊاڪٽر بابر اعواڻ پي آءِ ڊي ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيا هئا.