پشاور – 13 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان سي??يٽ اليڪشن ۾ ووٽ جي وڪري کي ختم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي، سي??يٽ چونڊون شفاف ڪرائڻ تي مخالف ڌر جو احتجاج سمجهه کان مٿي آهي، مخالف ڌر پراڻو پاڪستان چاهي ٿي، جتي ضمير وڪرو ڪيا وڃن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن صوبائي اليڪشن ڪميشن ۾ سي??يٽ چونڊن جي لاءِ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته حڪومت هڪ ٺوس طريقيڪار جوڙڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي ته جيئن ڪو به مستقبل ۾ چو??ڊن جي نتيجن جي ساک ۽ غيرجانبداري تي آڱر کڻڻ جي جرئت نه ڪري سگهي. هن چيو ته آزاداڻي، منصفاڻي ۽ شفاف اليڪشن جمهوريت کي وڌڻ ويجهڻ ۽ جمهوري ادارن کي مضبوط بڻائڻ جو اخلاقي بنياد مهيا ڪري ٿي ۽ حڪومت جا چو??ڊ سڌارا سي??يٽ چونڊن سميت چو??ڊن جي ساک، غيرجانبداري ۽ شفافيت کي يقيني ??ڻائڻ ۾ مدد فراهم ڪن ٿا. هن چيو ته چو??ڊ سڌارا آڻڻ جي لاءِ حڪومت جي ڪوششن جي حمايت ڪرڻ بدران مخالف ڌر سي??يٽ چونڊن ۾ کليل راءِ شماري جي مخالفت ڪري رڪاوٽون پيدا ڪري رهي آهي، جيڪو چو??ڊ عمل دوران هارس ٽريڊنگ ۽ بدعنواني ??ي حوصلا افزائي ڪرڻ جي برابر آهي. هن چيو ته پيپلزپارٽي ۽ پي ايم ايل (ن) سميت مخالف ڌر جون پارٽيون جن 2008ع ۽ 2013ع جي چو??ڊن کانپوءِ 10 سالن تائين ملڪ تي حڪمراني ڪئي، سي??يٽ چونڊن دوران هارس ٽريڊنگ، بدعنواني ۽ وڪري ۽ ووٽ جي خريداري لاءِ چو??ڊ سڌارن جي لاءِ ڪو طريقيڪار تيار ڪرڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪيون آهن. هن چيو ته مخالف ڌر اڃا به چو??ڊ سڌارن جي خلاف ڪم ڪري رهي آهي جن جو مقصد سي??يٽ چونڊن ۾ بدعنواني، ووٽن جي خريد ۽ وڪري ۽ هارس ٽريڊنگ جي امڪانن کي ختم ڪرڻ آهي جنهن جو ماضي ۾ مشاهدو ڪيو ويو آهي. هن چيو ته حڪومت بدعنواني ۽ هارس ٽريڊنگ جي خاتمي لاءِ سي??يٽ چونڊن دوران مخالف ڌر کي اوپن بيلٽنگ جي آڇ ڪئي آهي پر ان اهم قانونسازي جي خلاف مخالف ڌر جو ردعمل افسوس جوڳو آهي. هن چيو ته آئون هڪ سوال پڇان ٿو ته پارليامينٽ يا صوبائي اسيمبلي ۾ ڪجهه ميمبرن جي نمائندگي رکندڙ سياسي پارٽي سي??يٽ چونڊن ۾ ڪيئن هڪ سيٽ کي محفوظ بڻائيندي، مخالف ڌر ماضي مان سبق ناهي سکيو ۽ سي??يٽ چونڊن ۾ سياسي وفاداري خريد ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي.