اسلام آباد – 14 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ??هي ته وزيراعظم اسلاموفوبيا ۽ ناموس رسالت ﷺ تي صاف موقف، عالمي فورمز تي ڪشمير جو ڪيس وڙهڻ، ملڪي تشخص کي اجاگر ڪرڻ سميت حڪومتي قدمن کي 22 ڪروڙ عوام تائين پهچائڻ جي لاءِ پي ٽي وي ۽ ٻين رياستي ميڊيا جو اهم ڪردار آهي، پاڪستان ٽيلي ويزن (پي ٽي وي) قومي ادارو ??هي ان جي وقار جي بح??لي اولين ترجيح آهي. هو پي ٽي وي ۾ پي ٽي وي جنرل مينيجرز اجلاس کي خطاب ڪري رهيو هو. وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته ماضي جا ناظرين واپس آڻڻ پي ٽي وي جي سمورن چئنلن جي اولين ترجيح هجڻ گهرجي. هن چيو ته پهريون ڀيرو غريب، بي سهارا ۽ پوئتي پيل طبقن جي لاءِ احساس پرو??را??، ڪامياب جوان پرو??را??، لنگر خانا ۽ پناهگاهون قائم ڪيون ويون آهن، ماضي جي حڪومتن ۾ اهڙي ڪا روايت نٿي ملي، اسان کي عوام جي ڀلائي ۽ بهتري جي منصوبن جي حو??لي سان آگاهي پيدا ڪرڻي آهي.